رهاڻ هيرن کاڻ 9

رهاڻ هيرن کاڻ 9

رهاڻ هيرن کاڻ 9

رهاڻ هيرن کاڻ 9 (ڪتاب: جلد نائون): نامور محقق ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو هيءُ ڪتاب ’رهاڻ هيرن کاڻ‘ جي سري هيٺ تحقيقي سلسلي جي نائين ڪڙي آهي، جنهن ۾ ليکڪ سنڌ جي ماڻهن ۽ راڄن جي رهڻي ڪهڻي، ڳالهه ٻولهه، سرت سمجهه، دانائي، خوش طبعي جا من موهيندڙ مثال، دستاويزي صورت ۾ آڻي سنڌ جي عام زندگيءَ جا نقش نشان محفوظ ڪيا آهن. هن ڪتاب ۾ 1950ع کان 2000ع تائين واري عرصي ۾ ٿيل رس رهاڻن جو يادگار آهي. هن ڪتاب کي جدا جدا موضوعن ۾ ورهايو ويو آهي، جنهن ۾: تاريخون، ويا سي وينجهار، سنڌ جي عالمن جي عظمت جا مثال، علم ۽ عرفان کان خالي پڙهيلن لاءِ هدايت طور سالڪ حمزي جي چيل مدح، ڳائو مال، شاهه عبداللطيف جي دينداري، احمد ملاح عاشقيءَ جي ميدان ۾، خودداري ۽ اخلاق جي بلندي، رستم فقير لغاري جو ڪلام، ماڻ: ڀرپ، تور ۽ وٿي ويڪر جا، ظرافت ۽ خوش طبعي: مزاحيه ڪانفرنس کي استقبالي خطاب، عالم ۽ شاعر: خليفو گل محمد، وڏي ڄاڻ واري راند، حاصل فقير وسائي پوٽي جون اڳڪٿيون، ڳالهيون مون مهتي جون، ڪڪڙ جو اڏامڻ ڪڏهن بند ٿيو؟ نسب ناما ۽ قبيلائي ٿر جي ڪچهري وغيره شامل آهن.
155 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت 150 روپيا آهي، جنهن کي سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم، حيدرآباد جي سربراهه محمد عثمان منگيءَ جنوري 2010ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو